ٻرڙو ڪوثر

ٻرڙو ڪوثر

ڪوثر ٻرڙو

ڪوثر ٻرڙو : شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن پهرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. هن پرائمري پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪئي، مئٽرڪ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪول خيرپور مان (1975ع) ۾ پاس ڪيائين. انٽر سپيريئر ڪاليج خيرپور مان 1977ع ۾ ۽ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) 1983ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. ڪوثر ٻرڙي 3 نومبر 1983ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. اپريل 1984ع ۾ ريڊيو ڪراچي ۽ 1987ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ريڊيو پروفيسر رهيو، سيپٽمبر 1995ع ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي جو باني پروڊيوسر رهيو. ان بعد ريڊيو خيرپور، لاهور، تربت ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف عهدن تي ڪم ڪرڻ بعد هن وقت ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. جن ۾: (1) اوجاڳا ۽ خواب (شاعري: 2000ع)، (2) ياد گهر (ساروڻيون ۽ خط: 2002ع)، (3) تنهن عشق کي شاباس (رومانوي قصا: 2004ع)، (4) تون منهنجو صنم آهين (شاعري: 2005ع)، (5) امر راڳي امر گيت (سرمد سنڌي جا ڳايل گيت: 2005ع)، (6) فن ۽ فنڪار (فنڪارن جا انٽرويو: 2007ع) ۽ (7) اڏاڻا احساس (ريڊيو ڪمپيئرنگ: 2009ع) اچي وڃن ٿا. بهترين پروڊيوسر جي مڃتا طور کيس مختلف علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن طرفان 40 کن اوارڊ ملي چڪا آهن، ان کانسواءِ علمي ادبي خدمتن تي ڪافي سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. کيس مليل اوارڊن ۾: اجرڪ آرٽ اوارڊ (1990ع)، ٿر اوارڊ (1990ع)، سچل اوارڊ (1991ع)، شاهه لطيف اوارڊ (1991ع)، مراد فقير اوارڊ (1992ع)، پراڻ اوارڊ (1992ع)، گربخشاڻي اوارڊ (1992ع)، پير صبغة الله راشدي اوارڊ (1992ع)، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اوارڊ (1993ع)، بهترين ريڊيو پروڊيوسر اوارڊ (1995ع)، محمد صديق مسافر اوارڊ (1995ع)، سامي اوارڊ (1995ع) ۽ شيخ علي محمد اوارڊ (1995ع) وغيره شامل آهن. هن وقت ڳوٺ جاني ٻرڙي ۾ ئي رهائش پذير آهي.


لفظ ڪوثر ٻرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.09.1958  عيسوي

ڪوثر ٻرڙي پهرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي ، تعلقي ڪوٽڏيجي ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيعه ملاح
غلام علي مداح ٺٽوي
اصغر نديم سيد
عبدالفتاح عبد بٺورائي
راض محمد خان عاشق
سيد نادر علي شاهه فراق
سروپچندر شاد
پريم پتافي
رحمان بابا
ابل اداس ٻٻر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون